ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور سپر اسٽار سلمان خان جي ڪار کي بم ڌماڪي سان اُڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اڄ صبح ممبئي ٽريفڪ پوليس جي هيلپ لائن تي اڻڄاتل شخص پاران هڪ ڌمڪي جوڳو پيغام مليو، جنهن ۾ چيو ويو ته” سلمان خان کي سندس گهر ۾ گهڙي ماريو ويندو ۽ سندس گاڏي کي بم سان اڏايو ويندو.“
پوليس موجب، ان معاملي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ جاچ جاري آهي.
ياد رهي ته سلمان خان هن وقت ممبئي جي پوش علائقي باندرا ۾ واقع گليڪسي اپارٽمينٽس ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهائش پذير آهي.
گذريل سال به ساڳئي رهائشگاهه تي بشنوئي گينگ سان واسطو رکندڙ شوٽرن فائرنگ ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اداڪار جي گهر جي سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي.
ياد رهي ته گذريل ٻن سالن دوران سلمان خان کي پنج ڀيرا اهڙيون موتمار ڌمڪيون ملي چڪيون آهن، جن ۾ گهڻو ڪري بشنوئي گينگ جو نالو سامهون آيو آهي.