آئمه بيگ غلط بياني تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي 10 ڪروڙ ڏنڊ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو

گلوڪارا آئمه بيگ هڪ مقامي ميڊيا اداري کي غلط خبر هلائڻ تي 10 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو.

آئمه بيگ سوشل ميڊيا ذريعي مداحن کي ليگل نوٽيس کان آگاهه ڪيو ۽ نيوز پليٽ فارم کان ٻن ڏينهن ۾ عوامي معافي جو مطالبو ڪيو آهي.

هن شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي ساٿي فنڪارن کي درخواست ڪئي ته اهي به ان جعلي رپورٽنگ خلاف سندس ساٿ ڏين.

گلوڪارا انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان لفافي صحافت ۽ جعلي رپورٽنگ خلاف بيهون.

سندس چوڻ هو ته مان بس ڪري ڇڏي، مان پنهنجي لاءِ ۽ انهن سڀني ماڻهن لاءِ بيهان ٿي، جيڪي ايندڙ نشانو هوندا.

واضح رهي ته لوڪل نيوز پليٽ فارم هڪ خبر هلائي هئي، جنهن ۾ گلوڪارا جي هڪ انٽرويو جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ان کي پنهنجي وڏي ڀاءَ تي ڪرش هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔