حڪومت جو گهٽ آمدني وارن لاءِ 50 رپيا في ليٽر پيٽروليم رليف پيڪيج جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پيٽرول تي 50 رپيا في ليٽر رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهٽ آمدني وارن واهپيدارن لاءِ پيٽروليم رليف پيڪيج جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته غريب عوام کي 50 رپيا في ليٽر تائين پيٽروليم رليف پيڪيج ڏنو ويندو.
ان حوالي سان شهباز شريف چيو ته پيٽروليم جي سبسڊي لاءِ 50 رپيا في ليٽر تائين رقم مختص ڪئي وڃي ۽ سبسڊي جو عملي پروگرام جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا حڪمت عملي تيار ڪن.
هن چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ننڍيون گاڏيون گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي سواري آهن، پيٽروليم تي سبسڊي سڌو سنئون غريب عوام کي ملندي.
تازو ئي وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔