رمضان کان اڳ ئي آخري آچر تي مهانگائي شهرين جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون

ڪراچي: رمضان کان اڳ آخري آچر تي مهانگائي بازارن جو رخ ڪندڙ شهرين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ رنڌڻي جي ٻئي سامان جا اگهه آسمان تي وڃي پهتا آهن.
شهرين جي دانهن تي حڪومت جنهن شيءِ تي 10 رپيا وڌايا آهن منافعي خورن انهن شين تي 20 کان 30 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
مهانگائي جي ستايل شهرين جو چوڻ آهي ته ڪٿي به ڪو چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام موجود ناهي.
شهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته عوام کي وڌيڪ پريشان ڪندڙ منافعي خوران کي ڪنٽرو ڪيو وڃي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔