زمان پارڪ ۾ شرپسند ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جا ماڻهو موجود هئا: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته زمان پارڪ نوگو ايريا بڻيل هو، شهرين کي ان حوالي سان تمام گهڻي تڪليف هئي.
هن دعويٰ ڪئي ته زمان پارڪ ۾ شرپسند ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جا ماڻهو موجود هئا، نوگوايريا کي ڪليئر ڪرائڻ جي لاءِ اها ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
عمران خان ملڪ ۾ افراتفري ۽ فتنو چاهي ٿو هي شخص پنهنجن مخالفن کي گڏ ويهارڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ نٿو چاهي اهڙي شخص کي ووٽ جي طاقت سان ٻاهر ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته عمران خان جي رهائشگاهه تان صرف 16 رائفلون ناهن مليون پر ان حوالي سان آءِ جي پنجاب سمورا تفصيل ٻڌائيندو. اڄ پوليس هن ايريا کي ڪليئر ڪرائي ڇڏيو آهي. آءِ جي پنجاب پريس ڪانفرنس ۾ سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪندو.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اسان عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو سوچيندا آهيون ته کيس عدالت مان ضمانت ملي ويندي آهي. زمان پارڪ ۾ جنهن جڳهه تي آپريشن ڪيو ويو عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي اتي موجود نه هئي. پوليس جڏهن ڪارروائي ته پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو ويو.
راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته سمورن ڪيسن ۾ عمران خان ۽ سندس اهم اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويندو. جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن چالان ۾ انهن کي شامل ڪيو ويندو. عمران خان فتنو آهي جيڪو ملڪ ۾ فساد ۽ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔