بنا اجازت افطاري ورهائڻ تي سزا ملندي…!

دبئي : دبئي جي رهواسين کي رمضان المبارڪ دوران افطار ورهائڻ لاءِ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي، اجازت کانسواءِ افطار ورهائيندڙ کي 10 هزار درهم ڏنڊ ۽ هڪ سال قيد جي سزا ڏني ويندي.

ڪورونا سبب احتياطي اپائن تي افطار ورهائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.

پر هن سال رمضان المبارڪ ۾ افطار ورهائڻ لاءِ دبئي ۾ اسلامي معاملن ۽ فلاحي سرگرمين واري کاتي کان اجازت وٺڻي پوندي.

ان پابندي جو سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته ورهايل کاڌو صحت جي اصولن موجب تيار ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته اهو کاڌو مختلف هنڌن تي ورهائي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔