اسڪول کولڻ جو فيصلو اڃان ناهي ڪيو: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسڪول واحد جڳهه هوندي جيڪا اسان سڀني کان آخر ۾ کولينداسين.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته اسڪول جي کولڻ بابت اڃان فيصلو ناهي ٿيو. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اسان اسڪول کولي به ڇڏيون ته والدين ٻارن کي اسڪول نه موڪليندا.

هن چيو ته اسڪول واحد جڳهه هوندي جيڪا اسان سڀني کان آخر ۾ کولينداسين. ٻئي طرف ٽرانسپورٽ کولڻ بابت سعيد غني چيو ته ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ان کي ايس او پيز سان گڏ کوليو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن گهرو وزارت سنڌ صوبي ۾ لاڪ ڊائون 30 جون تائين وڌائي ڇڏيو هو ۽ ان حوالي سان نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گهرو وزارت موجب نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سمورا تعليمي ۽ تربيتي ادارا، شادي هال، برنس سينٽر ۽ ايڪسپو هالز لاڳيتو بند رهندا. نوٽيفڪيشن موجب راندين جون سموريون ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور اسپورٽس سميت جم ۽ ڪلبس به بند رهندا. ان کان علاوه هر قسم جون هوٽلون ۽ ڪيفي بند رهندا. پر پارسل جي اجازت هوندي جڏهن ته سياحن جي لاءِ  به هوٽلون بند رهنديون.

گهرو وزارت موجب سمورا تفريحي هنڌ، پارڪس، سئنيما ۽ ٿيٽر بند رهندا جڏهن ته بيوٽي پارلر کي به کولڻ جي اجازت ناهي. بيان موجب صوبي ۾ هر قسم جي ميڙن، جلوسن، مزارن تي ڪابه تقريب ٻئي حڪم اچڻ تائين مڪمل طور تي پابندي هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔