سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير ۽ ٽرانسپورٽرن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت اندرون شهر  ٽرانسپورٽ کولڻ جي اجازت ڏني.

صوبائي وزير اويس شاهه ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪراچي شهر جي اندر سڀاڻي ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.  ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته گاڏين ۾ اضافي مسافر نه ويهاريا  ويندا سمورن ٽرانسپورٽرن کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عمل نه ڪيو ويو ته گاڏيون بند ڪري ڇڏينداسين.

هن چيو ته جنهن گاڏي ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائزر نه هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. منظور ٿيل اڏن  کان گاڏيون نڪرنديون ۽ ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٽرانسپورٽ بابت اڄ رات جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.  ٽرانسپورٽ واري وزير ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ مانيٽرنگ ۽ انسپيڪشن ٽيم به جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ روينيو جا آفيسر شامل هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔