شهزاد اڪبر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: شهزاد اڪبر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جوابدار آهي هو مون کان سوال نٿو ڪري سگهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي جي لاءِ شهزاد اڪبر سپريم ڪورٽ پهتو. ان موقعي تي هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ هن ڪيس ۾ جوابدار آهي. جوابدار ڪنهن ٻئي کان ڪيئن سوال ڪري سگهي ٿو. ڪٽهڙي ۾ بيٺل جوابدار کي جواب ناهي ڏنو ويندو.

  شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مون کان سوال ڪيا آهن. عدالت جيڪڏهن هن جي الزامن تي مون کان پڇيو ته عدالت ۾ جواب ڏيندس. واضح رهي ته جسٽس فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس جي خلاف درخواست جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ هن شهزاد اڪبر جي مقرري تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته شهزار اڪبر جي بطور چيئرمين اثاثه جات ريڪوري يونٽ مقرري غيرقانوني آهي.

هي يونٽ ڪنهن ٺاهيو ۽ چيئرمين ڪنهن مقرر ڪيو؟ ڇا چيئرمين جي مقرري پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿي؟ ڇا شهزاد اڪبر پنهنجا اثاثا  ۽ سندن وارثن جي شهريت ظاهر ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔