وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي ڪورونا جو شڪار ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي وڏي انگ ۾ ڪورونا جو شڪار ٿيڻ  جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽  طبي عملي جي حفاظت لاءِ هنگامي پلان طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت واري وزارت، نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) وزيراعظم کي ميڊيڪل اسٽاف جي حفاظت بابت بريفنگ ڏيندي. 

 ذريعن موجب وزيراعظم کي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف لاءِ حفاظتي سامان جي فراهمي ۽ ان کي ڏنل سهولتن کان به آگاهه ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ملڪ ۾ روزاني ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي هنيئر تائين گڏيل انگ 76 هزار 398 تي ويو آهي. جڏهن ته فوتين جو انگ 1621 آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔