ايف آءِ اي صنم جاويد کي گجرانوالا سينٽرل جيل مان گرفتارڪري ورتو

اسلام آباد : وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب، ايف آءِ اي اسلام آباد ۽ لاهور جي ٽيم گوجرانوالا پهتي ۽ صنم جاويد کي گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ٽيم صنم جاويد کي سينٽرل جيل مان پاڻ سان گڏ وٺي رواني ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب، صنم جاويد کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز ونگ پيڪا ايڪٽ جي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو آهي. کيس گجرانوالا مان گرفتار ڪري اسلام آباد منتقل ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي جيل مان ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔