سون اڄ به سوين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي : پاڪستان سون جي اگهه ۾ اڄ به سوين رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ملڪ ۾ في تولو سون چار سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک 49 هزار چار سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 343 رپيا واڌ بعد 2 لک 13 هزار 820 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 6 ڊالر واڌ بعد 2390 ڊالرز جو ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ سون جي عالمي فيمت 20 ڊالر پريميم شامل ڪري 2410 ڊالر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔