نواز شريف مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلي تي پارٽي اڳواڻن جو اجلاس سڏائي ورتو

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن موجب، نواز شريف جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ٿي، جنهن دوران هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اڳواڻن سان مشاورت ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران نواز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس سومر تي مري ۾ سڏائي ورتو آهي.
ذريعن موجب، نواز شريف پنجاب جي وزيرعليٰ مريم نواز کي به اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس ۾ اهم فيصلا متوقع آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔