عدت نڪاح ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون سزائون ڪالعدم، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد جي مقامي عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت ڪيس ۾ سزائون ڪالعدم قرار ڏيندي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي جون سزائون ڪالعدم قرار ڏنيون ۽ بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه آهن ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
عدالت عمران خان ۽ بشري بي بي جي آزادي جي روبڪاري جاري ڪري ڇڏي.
فيصلي کان اڳ عدالت جو ڪمروصحافين ۽ وڪيلن سان ڀرجي ويو ۽ پوليس طرفان عدالتي ڪمري مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته صحافين ۽ وڪلين کي عدالت جي ڪمري ۾ موجود رهڻ جو هدايت ڪئي.
ان کان اڳ اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا عدت نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران خاور مانيڪا جي وڪيل زاهد آصف ۽ عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جا دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران خاور مانيڪا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پهريان نڪاح ٿي ويو ته پوءِ ٻيو نڪاح ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي.
اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔