ڪوهلي نه لارا، اينڊرسن کي ڪهڙي بيٽر سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪيو؟

ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ڪامياب ترين فاسٽ بالر جيمز اينڊريسن ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي آخري ميچ کيڏي رٽائر ٿي ويو آهي.
پنهنجي سوئنگ بالنگ سبب بيٽرز جون وايون بتال ڪندڙ انگلش فاسٽ بالر ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ چار وڪيٽون حاصل ڪيون.
41 ورهين جي جيمز اينڊريسن انگلينڊ طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ست سئو چار رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
پر اهڙو ڪو بيٽر به هو جنهن جيمز اينڊرسن کي پريشان ڪيو؟
ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ کان اڳ برطانوي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي جيمز اينڊرسن پنهنجي ڊگهي ڪيريئر دوران سڀ کان مشڪل ترين بيٽر بابت ٻڌايو.
جيمز اينڊرسن موجب، ڀارت جي ليجنڊري سچن ٽنڊولڪر خلاف بالنگ ڪرڻ ڏکيو لڳو، هو بهترين بيٽر هو، سندس خلاف مون ڪا خاص رٿابندي نه جوڙي پر مون کي پڪ هوندي هئي ته جڏهن هو بيٽنگ تي هوندو ته مان سندس خلاف ڪو خراب بال نٿو هلائي سگهان.
اينڊرسن چيو ته ٽنڊولڪر ڀارتي ٽيم جو هڪ اهم بيٽر هو، سندس اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن اوهان هن کي ڀارت ۾ آئوٽ ڪيو ته سڄي ميدان ۾ ماٺ ڇائنجي ويندي.
انگلش فاسٽ بالر 188 ٽيسٽ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي، سندس بهترين بالنگ 42 رنز عيوض ست وڪيٽون هئي، هن اِهو ڪارنامو ويسٽ انڊيز خلاف ئي 2017ع ۾ لارڊز جي تاريخي ميدان تي انجام ڏنو هو.
جيمز اينڊرسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اننگز ۾ 32 ڀيرا پنج يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ميچ ۾ ڏهه يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز ٽي ڀيرا ماڻيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔