بابر وڻندو آهي، ساڻس دوستي رکڻ ۾ ڪو حرج ناهي: يشما گل

ڪراچي : پاڪستاني اداڪارا يشما گل چيو آهي ته بابر اعظم سندس پسنديدا ڪرڪيٽر آهي ۽ ساڻس دوستي ٿي وڃي ته ڪا بُرائي ناهي.
اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ يوٽيوب شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان اداڪارا کان سندس ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي، پسند نا پسند سميت سندس خواهشن بابت دلچسپ سوال ڪيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هن کي ڪرڪيٽ صفا ناهي وڻندي، ڪم ۾ ايترو رڌل هوندي آهيان جو ڪرڪيٽ ايونٽ به فالو ناهي ڪري سگهندي پر اسٽيڊيم ۾وڃي ڪرڪيٽ ڏسڻ پسند آهي.
پسنديدا ڪرڪيٽر بابت سوال تي يشما گل ٻڌايو ته بابر اعظم سندس فيورٽ ڪرڪيٽر آهي ڇو ته بابر عالمي سطح تي دنيا جي بهترين طور پاڪستان جي نمائندگي ڪري ٿو.
ڪرڪيٽر طرفان اداڪارائن کي ملندڙ پيغام واري سوال تي يشما چيو ته هن کي ڪڏهن ڪنهن اداڪارا اِهو ناهي چيو ته فلاڻي ڪرڪيٽر هن ڏانهن پيغام موڪليو، نه ئي مون ڏي ڪڏهن ڪنهن ڪرڪيٽر جو ڪو ميسج آيو، نه ئي مون وري ڪنهن ڪرڪيٽر کي ڪو پيغام موڪليو آهي.
اداڪارا چيو ته هوءَ اڄ تائين ڪنهن ڪرڪيٽر سان ناهي ملي، نه سندس ڪنهن ڪرڪيٽر سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
قومي ڪرڪيٽرز سان دوستيءَ بابت سوال تي اداڪارا چيو ته ڪرڪيٽر سان دوستي ڇو نه ٿي ڪري سگهجي؟ اسان جا ڪرڪيٽر سٺا ۽ باصلاحيت آهن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
ميزبان اداڪارا کان بابر اعظم سان دوستي ٿيڻ بابت سوال ڪيو جنهن تي اداڪارا چيو ته هوءَ قومي رانديگرن سان دوستي نه ٿي رکڻ چاهي پر بابر اعظم سان دوستي ٿي وڃي ته ان ڪو بُرائي نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔