آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيڻ بعد ناڻي واري وزير جو اهم بيان

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام سان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن مطابق آءِ ايم ايف پاڪستان کي 37 مهينن دوران ست ارب ڊالرز قرض ڏيندو، اسٽاف ليول معاهدي جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪٽيو بورڊ ڏيندو.
پنهنجي بيان ۾ محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ ۾ مدد ملندي.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت کين اسٽرڪچرل ريفارمز يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پبلڪ فنانس، توانائي ۽ حڪومتي ادارن جي ايرياز ۾ استحڪام ضروري آهي، ايندڙ سالن ۾ اسٽرڪچرل ريفارمر آڻيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔