5 اهم وزارتون ۽ کاتا ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف 5 اهم وزارتون ۽ کاتا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم طرفان قائم ڪيل انسٽيٽيوشنل ريفارمز سيل رائٽ سائزنگ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. پنج وفاقي وزارتن کان هڪ هفتي ۾ سفارشون گهريون ويون آهن. جن وزارتن کان سفارشون گهريون ويون آهن انهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪشمير افيئرز، سيفران وزارت، صنغت ۽ پيداوار واري وزارت هيلٿ سروسز شامل آهن.وزيراعظم شهباز شريف صوبن کي ڏنل وزارتن جو ڪردار ٻڌائڻ جي هدايت ڪندي ناڻي واري وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بلال اظهر ڪياني تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. ٻئي طرف وفاقي ڪابينه پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي باضابطه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. پي ڊبليو ڊي بابت پوري پلان جي منظوري ڏني وئي آهي.وزيراعظم بجلي جي بلن تي رليف فوري طور تي فراهم ڪرڻ ۽ وزارتن کي سولر ٽيوب تي تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينه جي اجلاس ۾ دوائن جا اشتهار، ٽي وي، ريڊيو ۽ پرنٽ ميڊيا تي هلائڻ جي به منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔