ڀارت ۾ تيز رفتار مسافر بس کير جي ٽينڪر سان ٽڪر ، 18 ڄڻا فوت

نئين دهلي: ڀارت ۾ مسافر ٽرين جو کير ٽينڪر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ڀارتي ميڊيا موجب لکنو آگره ايڪسپريس وي تي مسافر بس ۽ کير ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ گورنگ رتي موجب جوجيڪوٽ ڳوٺ ويجهو مسافر بس ۽ ٽينڪر وچ ۾ حادثو پيش آيو، تيز رفتار مسافر بس پٺيان ايندڙ کير واري ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب حادثي ۾ 18 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب لکنو ايڪسپريس وي تي حادثو پيش آيل بس بهار کان راڄڌاني نئين دهلي وڃي رهي هئي.اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي آدتيه ناٿ مسافر بس حادثي ۾ انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.هن متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ اسپتال انتظاميه کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔