راهول ڊريوڊ 5 ڪروڙ انعامي رقم جو اڌ واپس ڪري ڇڏيو

ممبئي : ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ هڪ بهترين مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم، ڪوچ ۽ سپورٽ اسٽاف لاءِ 125 ڪروڙ ڀارتي روپين جي نقد انعام جو اعلان ڪيو هو.ڀارتي ميڊيا موجب ان مجموعي رقم مان هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ کي 5 ڪروڙ رپيا ۽ ٻين ڪوچن کي 2.5 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب راهول ڊريوڊ ڪرڪيٽ بورڊ کان سندس انعامي رقم گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن ڪرڪيٽ بورڊ کي ٻڌايو ته هو بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچ کان وڌيڪ پئسا وٺڻ نٿا چاهين،ڀارتي ميڊيا موجب راهول ڊريوڊ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچ جيتري انعامي رقم وصول ڪرڻ چاهي ٿو.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته بورڊ راهول ڊريوڊ جي جذبن جو احترام ڪري ٿو.ڀارتي ميڊيا موجب 2018ع ۾ انڊر 19 ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ به اهڙو ئي فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔