توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس: پيش نه ٿيڻ تي فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي توهين بابت پي ٽي آءِ باني ۽ فواد چوڌري جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ شعيب شاهين جو مددگار وڪيل ڪميشن جي سامهون پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر لا  اليڪشن ڪميشن صائمه جنجوعه چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني لاءِ هن ڪيس ۾ ڪوبه حڪم امتناع نه آهي. جنوري ۾ آخري ڀيرو هاءِ ڪورٽ ۾ هن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي، هاءِ ڪورٽ حتمي آرڊر پاس ڪرڻ کان روڪيو هو پر ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر پڇيو ته فواد چوڌري ڪٿي آهي، ان جو وڪيل ڪٿي آهي؟ ڇا اسان ان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو؟ جنهن تي مددگار وڪيل ٻڌايو ته فواد چوڌري هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي ان جو وڪيل فيصل چوڌري به ڪورٽ ۾ آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته فواد چوڌري جيل ۾ ته نه آهي، ان جا گرفتاري وارنٽ جاري  ٿا ڪريون، وڪيل جي حاضري کان ڇوٽ ته هلي ويندي پر فواد چوڌري ڪٿي آهي؟ اسان انهي معاملي تي فيصلو ڪريون ٿا، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔