فيصلن تي عمل ڪرائڻو پوندو،سستي براشت نه ڪندس: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته وقت برباد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس ۽ ڪم ۾ سستي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وزارتن جي عملدارن کي وارننگ ڏيندي چيو ته سستي سان ڪم ورتو ويو ته برداشت نه ڪندس، پاڪستان جا مسئلا حل ڪرڻا آهن، پنهنجو وقت برباد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس. هن چيو ته فيصلا لاڳو ۽ عملدرآمد ڪرائڻو پوندو، سڀني کي ٽارگيٽ پورا ڪرڻا آهن، آءِ ايم ايف مان ڇوٽڪاري جو هدف رڳو ڳالهين سان پورو نه ٿيندو پر ان لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڏهه لک ٽيوب ويل تيل تي هلي رهيا آهن، ملڪ ۾ ساڍا ٽي ارب ڊالر جو تيل استعمال ٿئي ٿو، اسان بلوچستان ۾ اٺاويهه هزار ٽيوب ويلز کي سولرائزيشن جو فيصلو ڪيو آهي، اسان کي سج جي روشني مان فائدو حاصل ڪرڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔