پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ کي مدار ۾ 6 سال مڪمل

ڪراچي: پاڪستان جي پهرين ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ ۽ ٽيڪنالاجي جي تشخيصي سيٽلائيٽ کي مدار ۾ 6 سال مڪمل ٿي ويا.اسپارڪو جي ترجمان ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته ٽيڪنالاجي جي تشخيص واري سيٽلائيٽ پاڪ ٽي اي ايس ون پاران ورتيون ويون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.ترجمان اسپارڪو موجب دبئي، سعودي عرب ۽ پاڪستان جي مختلف هنڌن جون سيٽلائيٽ تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.اسپارڪو جي ترجمان چيو آهي ته سيٽلائيٽ مان حاصل ڪيل ڊيٽا قومي ترقي ۽ سائنسي تحقيق ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي.اسپارڪو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسپارڪو پنهنجي سمورن ساٿين، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جو شڪر گذار آهي جن هن مشن کي ڪامياب بڻايو.اسپارڪو جي ترجمان موجب اسپارڪو پاڪستان جي خلائي پروگرام جي ترقي لاءِ اڳتي وڌڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔