شرما ۽ ڪوهلي کي سريلنڪا جي دوري ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو

ممبئي : ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا جي دوري دوران روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز نه کيڏندا.ڀارت کي آگسٽ ۾ سريلنڪا ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻو آهي، جنهن ۾ فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي به آرام ڏنو ويندو.ڪي ايل راهول يا هاردڪ پانڊيا کي ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني ڏني ويندي.روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ بعد ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بورڊ آفيسر جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ اسٽار ڪرڪيٽر انگلينڊ خلاف سيريز کيڏندي ميچ پريڪٽس ۾ ايندا، ٻئي ڪرڪيٽر هوم سيزن ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔