غزه ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد،لڏپلاڻ جو حڪم

غزه: غزه شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بي گهر ٿيل فلسطينين کي فوري طور تي لڏپلاڻ جو حڪم ڏنو ويو.7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي فلسطين جي محصور علائقي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت کي 9 مهينا مڪمل ٿي چڪا آهن پر ايترو وقت گذرڻ باوجود صهيوني فوج معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن تي حملا جاري آهن،پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 45 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.خابرو اداري موجب اسرائيلي ٽينڪ غزه ۾ 3 طرفن کان داخل ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ بي گهر ٿيل فلسطينين کي فوري طور ٻاهر نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف اسرائيل حماس جو هٿيارن جو گودام قرار ڏيندي گڏيل قومن جي امدادي اداري جي هيڊ ڪوارٽر کي به نشانو بڻايو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔