وزيراعظم شهباز شريف جي نئين چونڊيل ايراني صدر کي ٽيليفون تي مبارڪباد

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تازو ئي منعقد ڪيل صدارتي چونڊن ۾ ان جي ڪاميابي تي کيس دلي مبارڪباد پيش ڪئي.

وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جمهوري عمل ذريعي نئين صدر جي چونڊ تي کيس ۽ ايران جي  عوام کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران گڏيل تاريخي، عقيدي، ثقافت ۽ روايت جي  ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن.

ايران جي نئين چونڊيل صدر جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته  مان پاڪستان ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، توانائي ۽ علائقائي سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ بطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيون

ان حوالي سان وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اپريل 2024 ۾ مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي تاريخي دوري دوران ٻنهي ملڪن طرفان گڏيل طور تي ڪيل فيصلن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ٻڌل ڀائيواري جي هڪ بهترين بنياد رکي هئي.

نئين چونڊيل صدر پيرزشڪيان ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ ڀائراڻه لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل مبارڪباد تي سندس ٿورو ادا ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهن رابطن ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. اهو ٽيليفونڪ ڳالهيون پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ انهن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔