ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ اڱاري جي ڏينهن تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هن وقت شاهراهه فيصل، اسٽيڊيم روڊ، گلشن اقبال ۽ ملير ۾ تيز برسات پئجي رهي آهي جڏهن ته تيز هوائون به لڳي رهيون آهن، ان کان علاوه نمائش چورنگي، صدر، لياقت آباد، ايف بي ايريا ۾ بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي.

ياد رهي ته موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ ٻنپهرن کان پوءِ ڪٿي طوفاني برسات ته ڪٿي کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔