ڪنگنا رناوت، هيما مالني، شتروگن سنها ۽ ٻيا باليووڊ اداڪار چونڊن ۾ ڪامياب

ڪراچي : باليووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت سياست ۾ قدم رکندي هما چل پرديش ۾ پنهنجي اباڻي علائقي مندي مان بي جي پي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي ۽ ڪانگريس جي وڪرمادتيه سگهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي، باليووڊ جي ڊريم گرل هيما مالني به لوڪ سڀا چونڊن ۾ حصو ورتو، هن بي جي پي ٽڪيٽ تي ماٿوڙا سان اليڪشن وڙهي ۽ پنهنجي 16 مخالفن کي شڪست ڏئي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، لينڊري اداڪار شترگن سنها رياست اولهه بنگال جي شهر انسانسل کان آل انڊيا ترينا مول ڪانگريس (ٽي ايم سي) جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي، تازو باليووڊ ۾ هٽ ٿيندڙ باليووڊ فلم لاپتا ليڊيز ۾ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار روي ڪشن بي جي پي جي ٽڪيٽ تي گورک پور کان اليڪشن وڙهي ۽ ڪامياب ماڻي، ڀارتي اداڪار منوج تيواري به بي جي پي جي ٽڪيٽ تي دهلي مان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪانگريس جي ڪنهيا ڪمار خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي، انڊين ٽي وي سيريز رامائن مان مشهوري ماڻيندڙ اداڪار گوول بي جي پي جي ٽڪيٽ تي ميرٺ مان ڪاميابي حاصل ڪئي، واضح رهي ته حڪمران جماعت بي جي پي لوڪ سڀا ۾ سادي اڪثريت لاءِ گهربل 272 سيٽس حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، سندس اتحاد 292 سيٽس تي ڪاميابي سان گڏ سادي اڪثريت جي بنياد تي حڪومت ٺاهيندو، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نريندر مودي ٽيون ڀيرو ملڪ جي وزيراعظم جي عهدي جو 8 جون تي حلف کڻندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔