خلائي ڪاميابي ۾ چين آمريڪا کان اڳتي نڪري ويو

ڪراچي: چين چنڊ جي ڏورانهين ۽ اونداهي پاسي کان پٿرن جا نمونا حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪا تي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. چين جي چانگ اي-6 مشن چنڊ جي پري کان پهرين پٿر ۽ مٽي جا نمونا پهچائڻ لاءِ ڌرتيءَ ڏانهن تاريخي واپسي جو سفر شروع ڪيو آهي. اهو پهريون ڀيرو آهي ته چنڊ جي ان اوندانهين پاسي کان نمونا حاصل ڪيا ويا آهن. چين جي نيشنل اسپيس ايڊمنسٽريشن (سي اين ايس اي) جي تازي مشن بابت ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ”چين جو چانگ اي-6 چنڊ تي ڏکڻ قطب آٽڪن بيسن مان 4 جون تي چين جي مقامي وقت موجب 7:38 تي اسيينڊر لينڊر کان ڌار ٿيو. اهو گذريل ٻن ڏينهن دوران گڏ ڪيل چنڊ جي مٽيءَ جا نمونا گڏ ڪيا. قيمتي نمونن جو مجموعو مشن مئي ۾ شروع ڪيو ويو ۽ آچر تي چنڊ جي پري واري پاسي تي لينڊ ڪيو هو. پنهنجي ڊرل ۽ روبوٽڪ ٻانهن کي استعمال ڪندي، هن چنڊ جي سڀ کان پراڻي ۽ پري پاسي کان ٻه ڪلوگرام سطحي مواد ڪڍيو. ڏکڻ قطب-ايٽڪن بيسن اندازي مطابق 4 ارب سال اڳ ٺھيو هو. تنهن ڪري، اهو چنڊ جي ٺهڻ ۽ شروعاتي شمسي نظام ۾ اهم معلومات مهيا ڪري سگهي ٿو. اسينڊر ماڊل جي ويڪيوم ڪنٽينر ۾اهي ڌاتو جمع ڪيا آهن جيڪي تجربن لاءِ زمين تي کڻي ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔