عوام کي هڪ ٻيو زوردار جهٽڪو: بجلي 3 روپيه 33 پئسا في يونٽ مهانگي

اسلام آباد: حڪومت هڪ دفعو ٻيهر مهانگائي جي ستايل عوام تي بجلي جو بم ڪيرائيندي قيمتن ۾ 3 روپيه 33 پئسا في يونٽ اضافو ڪري ڇڏيو.

نيپرا ذريعن موجب بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مهيني بلن تي هوندو. صارفين کان 3 روپيه 33 پئسا في يونٽ اضافو هڪ مهيني ۾ وصول ڪيو ويندو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن صارفين تي نه هوندو. نيپرا طرفان بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔