سماجي اڳواڻ صارم برني 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي جي عدالت هيومن ٽريفڪنگ جي الزام هيٺ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو

صارم برني کي ڪيس مان آجو ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وئي، ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل صارم برني کي جڊيشل ماجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

 عدالت جاچ آفيسر کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، صارم برني جي وڪيلن ٻڌڻي دوران موقف اختيار ڪيو ته صارم برني جون سماج لاءِ خدمتون سڀني جي آڏو آهن، کيس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

وڪيل وڌيڪ چيو ته صارم برني ڪو غير قانوني ڪم ڪرڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي

 ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته صارم برني جو بيان ريڪارڊ ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، ڪسٽڊي نه ڏني وئي ته شاهديون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي

 عدالت ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد صارم برني جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔