لاهور سميت مختلف شهرن ۾ برسات، مختلف حادثن دوران 8 ڄڻا فوت

لاهور: لاهور سميت مختلف شهرن ۾ تيز طوفان ۽ برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.

صوبائي گادي واري شهر لاهور سميت قصور، جهلم، سرگودها، بهکر، پهاليه، ڪالاباغ، خوشاب ۽ ٻين شهرن ۾ ڪڪر وسي پيا جنهن سبب گرمي جي ستايل شهرين جا چهرا ٻهڪي پيا. مٿانهين پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي جي شدت برقرار رهندي. سبي ۾ گرمي پد 47 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته موهن جو دڙو، شهيد بينظير آباد ۽ دادو ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي ويو

ٻئي طرف پنجاب جي مختلف شهرن ۾ آسماني بجلي ۽ ڀتون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 40  ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خوشاب جيل ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 2 ڀائر فوت ٿي ويا، سندن والد زخمي ٿي پيو.

ڊيرا اسماعيل خان ۾ گهر تي آسماني کنوڻ  ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته گوجرانوالا ۾ تيز طوفان سبب ڀت ۽ ڇت ڪري پئي، جنهن سبب ڇوڪري سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

وزيرآباد ۾ ڀت ڪرڻ سبب ماءُ ۽ سندس ڌيءَ فوت ٿي ويون.  بهيره، ڪبير والا، سيالڪوٽ ۾ طوفان سبب مختلف حادثن ۾ 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته چنيوٽ ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ سبب لکين روپين جي ماليت جا 10 کان وڌيڪ جانور مري ويا.

ٻئي طرف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طوفاني برساتن دوران مختلف واقعن ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

مريم نواز سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي ماڻهن جي بهترين علاج جي هدايت ڪئي. مريم نواز طوفاني برساتن دوران پي ڊي ايم اي، واسا ۽ ٻين ادارن، انتظاميه کي الرٽ رهڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔