هانيا عامر سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ فالو ٿيندڙ اداڪارا

ڪراچي : مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل هانيا عامر سوشل ميڊيا تي مقبوليت جي لحاظ کان سمورن پاڪستاني اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.هانيا عامر جي انسٽاگرام تي فالوورز جو انگ 41.1 ملين ٿي ويو آهي.هانيا عامر پاڪستان جي سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪيل اداڪارا بڻجي وئي آهي.ٻئي طرف جيڪڏهن پاڪستان جي ٽاپ اداڪارا عائزه خان جي ڳالهه ڪريون ته ڪجهه مهينا اڳ هوءَ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ فالو ڪيل اداڪارا هئي، هاڻي ٻئي نمبر تي آهي.عائزا خان جا سوشل ميڊيا تي 40 ملين فالوورز آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔