سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي 3 مهينن لاءِ پابندي لاڳو، گھروکاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي 3 مهينن لاءِ پابندي لاڳو

گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي 3 مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڊيوٽي وقت انهي پابندي کان آجا هوندا، نجي سيڪيورٽي گارڊ ڊيوٽي دوران هٿيار کڻي سگهندا پر ڊيوٽي هنڌ تي اچڻ ۽ وڃڻ وقت هٿيار گاڏين ۾ رکندا، کليل هنڌن تي ڊيوٽي يا وري پيٽرولنگ وقت به هٿيارن جي نمائش نه ڪندا

پوليس کي هدايت ڪئي وئي ته قانون ٽوڙيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ گھروکاتي کي رپورٽ اماڻي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔