واحد مقصد ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي، بابر اعظم

ڪراچي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته اسان سٺي تيارين سان آمريڪا آيا آهيون، واحد مقصد ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي.ڊيلاس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته مون کي پنهنجي ٽيم تي اعتماد آهي ته اها سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي، مون کي فاسٽ بالنگ تي به اعتماد آهي، فاسٽ بالر هتي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن.هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ماضي جون غلطيون نه ورجايون، اسان جو ورلڊ ڪپ شروع ٿي چڪو آهي، هاڻي سمورن سينيئر رانديگرن کي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ ذميواريون کڻڻيون پونديون.بابر اعظم چيو ته منهنجو هڪ ئي مقصد آهي ۽ اهو آهي ورلڊ ڪپ کٽڻ، انفرادي هدف بعد ۾ ايندا آهن، ڪوشش ڪندس ته ورلڊ ڪپ ۾ سٺي پرفارم ڪري ڪاميابي حاصل ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔