جرمني ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 5 ڄڻا فوت

برلن : جرمني ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل حادثن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب جرمني جي ڏاکڻي حصي ۾ تيز برساتون جاري آهن، جنهن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موسم جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي انتظاميا شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته برسات ۽ ٻوڏ سبب هينئر تائين 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، هزارين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ريسڪيو آپريشن دوران هڪ فائر فائٽر به مارجي ويو، جڏهن ته سيلاب دوران هڪ عورت فوت ٿي وئي.انتظاميا ماڻهن جي مدد لاءِ 800 فوجي اهلڪارن جي مدد گهري ورتي آهي، جڏهن ته باويريا رياست ۾ 52 هزار ايمرجنسي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔