پاڪستان ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي.هن چيو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان کي ٻوڏ ۽ ڏڪار جهڙن واقعن کي منهن ڏيڻو پيو.ان کان اڳ هڪ بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اچو ته ان ڳالهه کي ورجايون ته اسان ايندڙ نسلن جي صحتمند ۽ محفوظ مستقبل لاءِ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔