وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي شروعاتي تجويز

اسلام آباد : وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي شروعاتي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب بيوروڪريسي جي مانيٽائيزيشن پاليسي 40 هزار مان وڌائي 60 هزار ڪرڻ جي تجويز آهي.جڏهن ته گريڊ 20 تائين جي آفيسرن جي پگهار 65 هزار رپين مان وڌائي هڪ لک 5 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.مانيٽائيزيشن پاليسي 75 هزار رپيا گريڊ 21 جي آفيسرن لاءِ 1 لک 20 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 22 جي آفيسرن جي مانيٽائيزيشن 95 هزار رپين مان وڌائي 1 لک 55 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گريڊ 1 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ سان لڳ ڀڳ 80 ارب رپيا متاثر ٿيندا. ذريعن موجب گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 200 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گريڊ 1 کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن کي 1800 رپيا ڪنوينس الائونس ۽ 1500 رپيا ميڊيڪل الائونس ملي رهيو آهي، جڏهن ته گريڊ 17 ۽ 18 جي آفيسرن کي هن وقت 5000 رپيا ڪنوينس الائونس ملي رهيو آهي، گريڊ 17 کان 18 تائين جي ملازمن کي 5000 رپيا ڪنوينس الائونس ملي رهيو آهي. 200 سيڪڙو واڌ جي ابتدائي تجويز پڻ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪيل 1 کان 16 تائين جي ملازمن کي 2021 ۽ 2022 ۾ 25 ۽ 15 سيڪڙو تفاوت الائونس ڏنو ويو، صوبائي ۽ وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ فرق گهٽائڻ لاءِ تفاوت الائونس جاري رکڻ جي به تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ جي تجويز ابتدائي مرحلن ۾ آهي، حتمي فيصلو وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ ڪابينا جي مشاورت سان ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔