نوازشريف جي لنڊن هوٽل ۾ چانهه پيئڻ واري هڪ ٻي تصوير وائرل

لنڊن:اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي لنڊن ۾ چانهه پيئڻ دوران هڪ ٻئي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي علاج جي سلسلي ۾ عدالت کان ضمانت تي پرڏيهه ويندڙ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي هڪ ٻئي تصوير سوشل ميڊياتي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو لنڊن ۾ روڊ ڪناري هڪ هوٽل ۾ پنهنجن وارثن سان گڏ چانهه پي رهيو آهي.ان کان اڳ به مسلم ليگ(ن) جي تاحيات اڳواڻ نوازشريف جي هڪ تصوير وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو ڪنهن هوٽل ۾ موجود کاڌو کائي رهيو هو ۽ ان موقعي تي ان جي ڀاءُ شهباز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين نواز کان علاوه اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به موجود هو.نوازشريف جي تصوير وائرل ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان جي ترجمان شهباز گل به ٽوئٽر تي ان جي تصوير سان هڪ هڪ پوسٽ ڪئي جنهن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري به هن تصوير جي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ نظام عدل ۽ انصاف تي سوال اٿاري ڇڏيا.واضح رهي ته مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ علاج جي سلسلي ۾ هن وقت لنڊن ۾ موجود آهي ۽ هو گذريل سال ڊسمبر ۾خاص طور تي علاج جي لاءِ عدالت مان ضمانت وٺي لنڊن ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔