ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

پاڪستان ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڊبلن ۾ کيڏيل 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي ميزبان ٽيم کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني

آئرلينڊ پهريان کيڏندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ لورين ٽڪر 73 رنسون، اينڊي باربريني 35 ۽ هينري ٽيڪٽر 30 رنسون اسڪور ڪيون

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 14 مان 3 وڪيٽون ورتيون، عباس آفريدي 2، عماد وسيم ۽ محمد عامر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي

جوابي اننگز ۾ اوپنر صائم ايوب 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، پوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان 139 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري ٽارگيٽ کي آسان بڻائي ڇڏيو

محمد رضوان 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، بابر اعظم 42 بالن تي 75 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اعظم خان صرف 6 بالن کي منهن ڏنو ۽ 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو

پاڪستان ٽارگيٽ 18 بالن ۾ حاصل ڪري ٽن ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔