ڏهن منٽن ۾ ئي ڄاڻي ورتم ته مڙس ٺيڪ نه آهي: ناديا

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا ناديا خان پنهنجي پهرين شادي ۽ طلاق تي ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته کيس شادي جي ڏهن منٽن بعد ئي خبر پئجي وئي هئي ته هن جي شادي هڪ غلط ماڻهو سان ٿي وئي آهي، پر اها شادي سندس خواهش تي هئي انڪري ڏهه سال نڀائي ڏيکاريو. اداڪارا ناديا خان هڪ ڊجيٽل انٽرويو دوران سينئر اداڪار ساجد حسين جي سوالن جي جواب ۾ پنهنجي پهرين شادي تي کلي ڳالهايو. شادي جي ڏهن سالن بعد طلاق بابت سوال تي اداڪارا ناديا خان جو چوڻ هو ته مونکان سدائين ماڻهو سوال ڪندا آهن ته تنهنجي پهرين شادي ڇو نه هلي سگهي، منهنجو انهن ماڻهن کي جواب آهي ته ڪنهن به ماڻهو کي ڇڏي ڏيڻ ته آسان آهي پر اهڙن ماڻهن کي ته ڪريڊٽ ڏنو وڃي جن هڪ رشتي کي هلائڻ لاءِ ڪيترائي گذاري ڇڏيا هجن. اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو آهي ته مون فيصلو ڪيو هو ته شادي منهنجي سزا هجي يا ڪجهه ٻيو مان ان کي نڀائيندس، انڪري پهرين مڙس سان گهڻُ وقت گذارڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن وري بعد ۾ مونکي پڇتاءُ نه ٿئي، ان دور ۾ مونکي الله گهڻو آزمايو هو، جڏهن ته مون پنهنجي ڏکيائين جو ذڪر پنهنجي والدين سان به نه ڪيو هو ۽ پنهنجي رشتي کي نڀائيندي رهيس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔