روسي وزارت دفاع جو هڪ ٻيو آفيسر رشوت وٺڻ جي الزامن ۾ گرفتار

ماسڪو: روس جي بچاءَ واري وزارت جي هڪ ٻي اعليٰ آفيسر کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.گرفتار ٿيل ليفٽيننٽ جنرل يوري ڪزنٽسوف، دفاع واري وزارت جي سينٽرل پرسنل ڊائريڪٽوريٽ جي سربراهه تي 2021 ۽ 2023 جي وچ ۾ 30 ملين روبل کان وڌيڪ رشوت وٺڻ جو الزام آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ڇاپي دوران سندن قبضي مان 100 ملين روبل، سون جا سڪا، مهانگيون واچون ۽ ٻيون لگزري شيون هٿ ڪيون ويون آهن.آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪزنيتوسوف جي گرفتاري ڊپٽي دفاع واري وزير تيمور ايوانوف جي گرفتاري سان لاڳاپو رکي ٿي، جيڪو 15 سالن تائين جيل ۾ آهي.ياد رهي ته ليفٽيننٽ جنرل يوري ڪزنيٽسوف ٻيو سينيئر آفيسر آهي جنهن کي هڪ مهيني اندر ان چارج کي منهن ڏيڻو پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔