نان فائلرز لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ ۽ گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز

اسلام آباد: نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ امپورٽ گاڏين ۽ لگزري آئٽمز تي ٽيڪس وڌائڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ واپاري دوست ايپ ۾ شامل نه ٿيندڙ واپارين خلاف ڪارروائي جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ايپ ۾ رجسٽرڊ نه ڪندڙ واپارين کي نوٽيس موڪليا ويندا.ڪاروباري دوست ايپ سان رجسٽريشن نه ڪرائڻ تي 10 هزار رپين تائين ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويندو ۽ انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 182 تحت غير رجسٽرڊ ڪاروبار خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ 1300 سي سي کان وڌيڪ امپورٽ ٿيل گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 850 سي سي کان وڌيڪ نئين گاڏين تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ نان فائلرز طرفان بئنڪن مان ڪيش ڪڍڻ تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز آهي.نان فائلرز طرفان بئنڪن مان 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍڻ تي ايڊوانس ٽيڪس 0.6 مان وڌائي 0.9 سيڪڙو ڪرڻ جي به تجويز آهي. نان فائلرز کان ڪيش ڪڍڻ تي ايڊوانس ٽيڪس ۾ واڌ سان 15 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ٿيڻ جو اندازو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ غير ضروري ۽ لگزري شين جي درآمد تي ٽيڪس وڌائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ ڇهين شيڊول ۾ ٽيڪس رعايتون ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔