حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد:  حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.

عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جائزه مشن جي پاڪستان سان ڳالهين جو ٽيون دور جاري آهي، جنهن ۾ توانائي واري

ذريعن موجب بجلي جي بنيادي قيمت 7 روپيه في يونٽ تائين واڌ جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ نيپرا طرفان ملٽي ايئر ٽيرف ۾ واڌ کان پوءِ بنيادي ٽيرف وڌندو. جنهن جي تحت گهٽ کان گهٽ قومي اوسط ٽيرف 29 روپين مان وڌائي 38 روپيه ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته لائف لائين صارفين کان سواءِ ٻين سمورن سليبيز لاءِ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. هن وقت 50 يونٽ وارن لائف لائين صارفين جي لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت 3 روپيه 95 پئسا في يونٽ آهي، 51 کان 100 يونٽ وارن صارفين جو بنيادي ٽيرف 7 روپيه 74 پئسا في يونٽ آهي.

بجلي جي بنيادي قيمت ۾ واڌ جو اعلان پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي ٽئين ڏينهن جاري ڳالهين ۾ ايف بي آر ريفارمز ايڪسچينج مارڪيٽ ريفارمز سميت ٻيا معاملا غور هيٺ آهن ان دوران آءِ ايم ايف اختيارين کي بي ڪيٽيگري ايڪسچينج ڪمپنين کي سبسڊيز جي ايڪسچينج ڪمپنين ۾ انضمام جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو آهي.

ڳالهين جي دورن آءِ ايم ايف کي اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس قانون ۾ ترميم جي باري ۾ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ نئين ويليو ايشن متعارف ڪرائڻ ۽ ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سميت پوائنٽ آف سيل جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔