پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊريڊ انڊيڪس 75 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري وئي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊريڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري وئي

 اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات سان ئي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 5 سئو پوائنٽس کان وڌيڪ جو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو

 هلندڙ ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 74 هزار پوائنٽس جي حد پار  ڪئي هئي

 اقتصادي ۽ ڪاروباري ماهرن موجب آءِ ايم ايف سان هڪ نئين پروگرام لاءِ حڪومت جي ڳالهين ۽ ٻين مثبت اڳڀرائين سبب اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿيو آهي

ماهرن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو هڪ سبب پرڏيهي سيڙپڪاري به آهي

 ماهرن موجب هن وقت پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪافي خريداري ڪري رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔