پاڪستان ۾ ايندڙ چئن سالن دوران مهانگائي گهٽ ٿيندي، ترقي، سرڪاري ذخيرا وڌندا: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: آءِ ايم ايف 4 سالن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ لاڳيتو گهٽتائي ۽ سرڪاري ذخيرا 20 ارب کان وڌيڪ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب مالي سال 2028 تائين مهانگائي جي شرح 6.5 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندي. مالي سال 2027 ۾ به مهانگائي جي شرح 6.5 سيڪڙو تائين رهندي. جڏهن ته مالي سال 2028 ۾ مهانگائي جي شرح 7.6 سيڪڙو رهندي.

رپورٽ موجب ايندڙ مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 12.7 سيڪڙو رهندي. ايندڙ 4 سالن ۾ جي ڊي پي گروٿ ۾ به لاڳيتو واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن موجب 2028 تائين پاڪستان جي جي ڊي پي گروٿ 5 سيڪڙو تائين پهچي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔