عظيم بزرگ اولياءَ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ساليانو 413هون ٽي روزه عرس مبارڪ شروع

بلڙي شاھ ڪريم:لاکيڻي لطيف جي تڙ ڏاڏي سنڌ جي اوائلي شاعر عظيم بزرگ اولياء حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو ساليانو 413 ھون ٽي روزه عرس مبارڪ لطيفي راڳ رنگ سان شروع ٿي ويو.

اوقاف کاتي طرفان عرس مبارڪ جو افتتاح ڪرڻ لاء ڪير به نه پھتو اڄ شام جو درگاھ شاھ ڪريم جو گادي نشين سيد شاھد حسين شاھ عرس مبارڪ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.

عرس مبارڪ جي موقعي تي وڏي تعداد ۾ مريدن، عقيدتمندن ۽ پانڌيئڙن جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.  عرس مبارڪ تي زائرين لاء پيئڻ جو پاڻي، بجلي ۽ رھائش وڏو مسئلو بڻيل، عرس مبارڪ جي تقريب ۾ انتظام اڻپورا  هجڻ سبب ايندڙ زائرين مايوس ٿيڻ لڳا. مين درگاھ ۾ سخت گرمي هجڻ باوجود بجلي غائب، زائرين ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا.

عرس مبارڪ جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ 160 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جنهن ۾ جنھن ۾ 2 ڊي ايس پي، 7 ايس ايڇ او، 8 ليڊيز پوليس ۽ ٻيا پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.  

عرس مبارڪ جون تقريبون ٽي ڏينھن جاري رهنديون. ٽئي ڏينھن درگاھ جي احاطي ۾ راڳ رنگ جون محفلون جاري رهنديون ۽ باھ جي مچ تي سماء ٿيندي سماء ۾ درگاھ جو گادي نشين ھزارين مريدن سان شرڪت ڪندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔