آزاد ڪشمير ۾ ماني ۽ بجلي سستي باوجود پرتشدد هنگاما، 3 ڄڻا مارجي ويا، 4 گاڏين کي باهه

ميرپور/ مظفرآباد/ اسلام آباد: آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ هڪ دفعو ٻيهر صورتحال خراب ٿي وئي، مظفرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس ڪجهه ڪلاڪ بحال ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر بند ڪئي وئي، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪرين دوران 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 ماڻهو زخمي ٿيا. ڪيترن ئي گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو

آزاد ڪشمير ۾ چوٿين ڏينهن به زندگي بحال نه ٿي سگهي. هڪ دفعو ٻيهر اوچتو شهر ۾  هنگاما ڀڙڪي پيا، ڇتر چوڪ ميدان جنگ بڻجي ويو، جنهن کانپوءِ مظفرآباد ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي. ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽربند هڙتال رهي، قانون ساز اسيمبلي جي ٻاهران مظاهرين پوليس تي پٿراءَ ڪيو، پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي لاٺي چارج، پٿراءَ ۽ فائرنگ ڪري ڏني، 3 شهري مارجي ويا، ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون، احتجاج ڪندڙن 2 ايمبولينسز سميت 4 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، مظفرآباد پهچندڙ قافلا عيدگاهه گرائونڊ ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي عهديدار سردار ثاقب شاهين چيو ته انڊين ميڊيا جا الزام رد ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ حقن لاءِ احتجاج ٿين ٿا، آزاد ڪشمير جو عوام صرف جائز مطالبا ڪري رهيو آهي. ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پوري واديءَ ۾ کائڻ پيئڻ واريون شيون ختم ٿي ويون آهن، ميڊيڪل اسٽورز بند رهيا، حياتيون داءَ تي لڳي ويون آهن، حڪومت موبائل  ۽ انٽرنيٽ 2 ڏينهن بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

 آزاد ڪشمير جي حڪومت عوامي ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا مڃي ورتا، بجلي ۽ اٽو سستو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1 هزار روپين ۾ ملندو، جڏهن ته 40 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2 هزار روپيه ۽ هڪ ڪلو 50 روپين جو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف آزاد جمون، ڪشمير جي توانائي کاتي به بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهريلو استعمال جي بجلي لاءِ هڪ کان 100 يونٽ تائين بجلي جي قيمت 3 روپيه في يونٽ هوندي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 101 کان 300 يونٽ تائين 5 روپيه جڏهن ته 300 کان وڌيڪ يونٽ جي استعمال تي قيمت 6 روپيه في يونٽ هوندي، ڪمرشل 300 يونٽ استعمال تي بجلي جي في يونٽ قيمت 10 روپيه هوندي. 300 کان وڌيڪ يونٽ جي استعمال تي في يونٽ بجلي جي قيمت 15 روپيه هوندي

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 23 ارب روپين جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. شهباز شريف جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي اسلام آباد ۾ خصوصي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم آزاد جمون ڪشمير، آزاد حڪومت جي وزيرن ۽ اعلي سياسي قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اتحادي پارٽي جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تازي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ڪشميري عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 23 ارب روپين جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪشميري قيادت ۽ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف جو ٿورو ادا ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔