80 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان

ڪراچي: اڄ کان پاڪستان جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي.موسميات جي تجزيه نگار ٻڌايو آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي ۽ هيٽ ويو جي شدت 18 کان 20 مئي تائين برقرار رهندي.موسميات جي تجزيه نگار موجب سنڌ ۽ پنجاب جي اڪثر هنڌن تي گرمي پد 43 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ سامونڊي هوائن سبب سخت گرمي نه پوندي پر ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.موسميات جي تجزيه نگار موجب شهر جو گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔