آسٽريليا جو ڀارت خلاف سيريز ۾ فين زون ٺاهڻ جو فيصلو

لنڊن : ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان کانپوءِ ڀارت سيريز ۾ فين زون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا بارڊرگاسڪر ٽرافي جي سمورن هنڌن تي انڊين فين زونز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.بارڊرگاسڪر ٽرافي لاءِ آسٽريليا ۽ ڀارت جون ٽيمون 5 ٽيسٽ ميچن ۾ آمهون سامهون ٿينديون، سيريز جي سمورن 5 ٽيسٽ ميچن جي وينجن ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ، سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ، گابا، پرٿ ۽ ايڊيليڊ اسٽيڊيمز ۾ ڀارتين لاءِ خاص ويهڻ جي جڳهه هوندي،ڪرڪيٽ آسٽريليا جلد ئي هندستاني فين زونن جي ٽڪيٽ جا تفصيل شيئر ڪندو، انهن فين زونن ۾ ڊرم وڄائڻ جي اجازت هوندي.ڪرڪيٽ آسٽريليا اهو فيصلو بارڊرگاسڪر ٽرافي کي وڌيڪ مزيدار بڻائڻ لاءِ ڪيو آهي، بارڊرگاسڪر ٽرافي جي پهرين ٽيسٽ 22 نومبر تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔